ڊڀاني ڍوري جي ڪنڊ

ڊڀاني ڍوري جي ڪنڊ: ڪاڇي جا ماڻهو نئن يا ڍوري جي موڙ کي ’ڊڀائي‘ چوندا آهن. نئن جتان موڙ کائيندي آهي، اُتان پاڻيءَ جي ڪري اُٿلندي آهي. اٿل واري زمين آباديءَ لائق هوندي آهي ۽ اها پسي ويندي آهي. اڳتي ان پسندڙ پٽ تي ٻنو يا بند به ٻڌندا آهن، جنهنڪري ان ۾ اٿل جي ڇر جو پاڻي ڪجهه وقت بيهندو آهي. ان ’ڪنڊ‘ ۾ آبادي ڪندا آهن، مُهڙ وٽ نئن يا ڍوري جي ’چر‘ يا ’ڪُنب‘ ٺهي پوندو آهي. ان کي ’ڪنڊ‘ چوندا آهن. ڪنڊن جي سيراب ٿيل زمين ۾ آبادي ٿيندي آهي، جڏهن پاڻيءَ جي ضرورت پوندي آهي ته ڪنڊ واري ڪنب مان پوک تائين پاڻي پهچائيندا آهن. ڪنڊ واري ڪنب ۾ زمين جي مٿاڇري کان ٿورو مٿي لڪڙا کوڙيندا آهن. لڪڙا هڪ ٻئي جي سامهون ٽي چار فوٽ فاصلي تي مضبوطيءَ سان کوڙيندا آهن. انهن ۾ پُسيل تڏا ۽ تؤنريون اڏ وانگر ٺاهي کتل لڪڙن ۾ نوڙين سان مضبوط ٻڌندا آهن. اهيءَ تڏا يا نکون زمين جي مٿان به اَڏَ ٺاهي سگهندا آهن. ڪُنڊ مان پوءِ جهولي ٺاهي ان سان تَڏَن مان ٺاهيل موڪ ۾ پاڻِ ڇَلپي وجهندا آهن. ڊڀاني ڍورو به جوهي تعلقي ۾ آهي. برسات جي مند ۾ هي ڍورو ڏکڻ اوڀر وهي ڪيترا ايڪڙ ٻني آباد ڪرائيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو